ايوب پل

ايوب پل

ايوب پل

ايوب پل: هيءَ پل، روهڙي ۽ سکر ريلوي لائين کي ملائڻ لاءِ درياهه تي ٺهيل آهي. لئنسڊائون پل جهوني ٿي، ته هڪ ٻيءَ پل جي ضرورت محسوس ٿي. نئين پل جو نالو ”ايوب پل“ (1962ع) رکيو ويو، جنهن جي ڊزائين ڊي. بي اسٽينمئن نالي هڪ ڪمپنيءَ ٺاهي. هيءَ ڊزائين بلڪل اهڙي آهي، جهڙي هڪ سؤ سال اڳ لئنسڊائون پل ٺاهڻ وقت ويچار هيٺ آئي هئي. تنهن وقت ۾ اها ڊزائين ان ڪري منظور نه ڪئي وئي، جو ان ۾ ٻه طرفي ريلوي جي اچ وڃ جو انتظام هو، جڏهن ته ضرورت هڪ پٽڙيءَ جي هئي. ايوب پل جو مٿيون حصو ڪمان جهڙو آهي، جنهن ۾ فولادي رسا آهن، جيڪي پل جو وزن کڻي بيهن ٿا. هن پل جو ڪم 26 نومبر 1959ع تي شروع ٿيو ۽ پهرين ڊسمبر 1961ع تي ختم ٿيو. هن پل جي اڏاوت تي لڳ ڀڳ ٻه ڪروڙ رپيا خرچ آيو.


لفظ ايوب پلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.11.26  عيسوي

ايوب پل: هن پل جو ڪم 26 نومبر 1959ع تي شروع ٿيو ۽ پهرين ڊسمبر 1961ع تي ختم ٿيو


1961.12.01  عيسوي

ايوب پل : هن پل جو ڪم 26 نومبر 1959ع تي شروع ٿيو ۽ پهرين ڊسمبر 1961ع تي ختم ٿيو



ديهون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀَڏا
شاهه حسين 2
پکو2
جھان خان2
پيونٿ
جلال
ٻوچر
تڙ سيرجي
جهانجهي (ديهه)
ڊکڻ 3
ديهون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون